SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مارڪس- واد-مارڪسيت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


مارڪس- واد-مارڪسيت

Marxism

مارڪسزم

جرمنيءَ جي ڏاهي ۽ فيلسوف ’ڪارل مارڪس‘ جي جدلياتي فڪر جي بُنيادن تي بيٺل نظريو، جيڪو تاريخ جي مختلف مرحلن جو جائزو وٺندي معيشيت جي اهميت ۽ مادي قوتن جي برتريءَ کي پڌرو ڪندي سماج جي طبقن جو ڇيد ڪري ٿو.”مارڪسزم“ انساني سماج جو جائزو وٺندي اڳڪٿي ڪندي چوي ٿو ته تاريخ جي هر دور ۾ موجود تضاد سماج تي ڪنهن مخصوص طبقي جي عروج کي جنم ڏين ٿا. مارڪس جي چوڻ مطابق سرمائيداريءَ جي دور تي صنعتي مٿانهين طبقي (Bourgeois) جو دٻدٻو آهي، جيڪو پنهنجي مسلسل ڦرلٽ جي ذريعي آخرڪار ڏتڙيل طبقي(Proletariat) يا غريب طبقي جي جھجھائيءَ کي جنم ڏيندو. اهو طبقو پنهنجي استحصال جي خاتمي لاءِ مٿانهين طبقي جي اقتدار خلاف بغاوت ڪري انقلاب آڻيندو ۽ طاقت جي وسيلن تي قابض ٿي سماج واد (Socialism) قائم ڪندو، هن سرشتي ۾ پورهيت طبقا پيداوار جي وسلين مٿان با ا ختيار ٿي ويندا ۽ هڪ غير طبقاتي سماج جي قيام ڏانهن قدم وڌائيندا، جنهن ۾ نه رڳو ماڻهون هٿان ماڻهوءَ جي ڦرلٽ جو خاتمو ايندو، پر هزارين سالن کان قائم استحصالي اداري يعني ”رياست“ جو به وجود مٽجي ويندو، انهيءَ جي نتيجي ۾ رياست تي قابض استحصالي هٿن کي هميشه لاءِ مروٽي هڪ اهڙي ماحول کي وجود ۾ آڻبو، جنهن ۾ ماڻهو ماڻهوءَجو محتاج يا مرضيءَ جي تابع نه هوندو، سچي پچي آزادي ملڻ ڪري انساني سماج حقيقي ۽ فطري رُخ ۾ ترقي ڪندو ۽ دُنيا مان تڪرار ۽ اڻ برابريون ختم ٿي وينديون. ”مارڪسزم“ فڪري طور جدليات جي مادي اصول (Dialectical Materialism) جي بنياد تي بيٺل آهي، جڏهن ته سماجي تاڃي پيٽي کي ”سياسي معيشيت“ واري اک سان پرکيندي، سماجي تبديليءَ لاءِ طبقاتي جاکوڙ تي زور ڏئي ٿو. هن نظريي تحت دنيا ۾ پهريون عوامي انقلاب 1917ع ۾ روس ۾ آيو، جنهن کان پوءِ اوڀريورپ، چين، ڪيوبا ۽ هند چيني جي علائقي سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پکڙجي ويو. هن نظريي جون مختلف دورن ۽ خطن ۾ ڌار ڌار وضاحتون ڪيو ويون، جن عوامي لحاظ کان تمام وڏي مڃتا ماڻي


Remember Me Also:

ٻار ڀڃڻ

ٻار مان ان کڻي وڃڻ. کَرو کولڻ ل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal